ڊاڪٽر سنديلو هڪ مطالعو

ڊاڪٽر سنديلو هڪ مطالعو

ڊاڪٽر سنديلو هڪ مطالعو

ڊاڪٽر سنديلو، هڪ مطالعو (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو نامور محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي بابت لکيل آهي. هن ڪتاب جو انتساب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي آهي. ڪتاب جو مهاڳ جوڻيجي صاحب پاڻ لکيو آهي. هو مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”هي ڪتاب فقط هڪ تعارفي ڪتاب آهي. ان جي هر باب ۾ آيل موضوع اڃا به وڌيڪ تحقيق گهرن ٿا. . . هن مختصر ڪتاب جي وسيلي محترم دوست ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي پنهنجي محبت جا هي چند گل پيش ڪري رهيو آهيان. سندس زندگيءَ ۽ عملي ڪم جو هي مختصر جائزو آهي. سندس ڪم اڃا به وڌيڪ محنت ۽ مطالعو گهري ٿو. ادبي مڃتا طور کيس جيڪي انعام ۽ ميڊل مليا، تن جي ڪا گهڻي اهميت نه آهي. انهن کان گهڻو مٿي سندس ڪم آهي.“
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سنديلي جي سوانح عمري، ولادت، تعليم، لوڪ ادب، لغت ۽ لسانيات جي ڪم جو تفصيل ڏنل آهي. سندس تصنيفن ۾: تحقيق لغات سنڌي، پهاڪن جي پاڙ، ڌاتو ڪوش'>سامي ڌاتو ڪوش، سچل لغات، اصطلاحن جي اصليت وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر سنديلي جا مقالا، سندس ذاتي لائبرري ۽ سندس چند خطن جا عڪس به هن ڪتاب ۾ موجود آهن. ڪتاب جو ضميمو پير سعيد حسن لکيو آهي. ڪتاب جي آخـري صفحـي تـي قطع تاريخ احمـد خان آصف مصراڻيءَ جي لکيل آهي. 56 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو ملهه 30 رپيا آهي. هي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي، لاڙڪاڻي، 2002ع ۾ ڇپائيءَ پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو